اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري پاڪس??ان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پاڪس??ان ۽ يو اي اي واپار، توانائي، سيڙپڪاري ??ميت ٻين شعبن ۾ جامع اقتصادي حصيداري ??ان ترقي ۽ خوشحالي جا گڏيل هدف حاصل ڪري ??گهن ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي واپار واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي جي قيادت ۾ سيڙپڪارن جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان جي مسلسل حمايت تي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم محمد بن راشد المڪتوم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم واپار، توانائي ۽ سيڙپڪاري ??هڙن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جامع اقتصادي حصيداري کي اجاگر ڪيو، جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار رکي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يو اي اي جي وفد جو هي دورو پاڪس??ان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري پاڪس??ان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. يو اي اي جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪس??ان ۾ اي ڊي پورٽس جي موجوده سيڙپڪاري ??ي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪس??ان ۾ جهاز راني، بندرگاهن جي ڪارڪردگي وڌائڻ، لاجسٽڪس ۽ ڪسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي اي ڊي پورٽس گروپ سان ميري ٽائيم افيئرز، ايوي ايشن، ريلويز ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو بابت چار مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري ??قريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. مفاهمت جي انهن يادداشتن موجب پاڪس??ان ۽ اي ڊي پورٽس گروپ ڪسٽم، ريلويز، ايئرپورٽس جي بنيادي ڍانچي، ميري ٽائيم شپنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ امڪاني تعاون جي ڳولا ڪن. انهن مفاهمت جي يادداشتن جو مقصد ڊيجيٽل ڪسٽم ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ، مال بردار ريل جي لاءِ وقف ڪيل ڪوريڊورز تيار ڪرڻ، پاڪس??ان جي سامونڊي ٻيڙي ۽ ميرين سروسز سان گڏوگڏ پاڪس??ان جي عالمي هوائي اڏن کي اپ گريڊ ڪرڻ آهي. گڏيل عرب امارات جي وفد ۾ ڪاهيل گروپ جو چيئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪتوم، ابوظهبي پورٽس گروپ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪس??ان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ اي ڊي پورٽس جا سينيئر ع??لد??ر شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، ايس اي پي ايم طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري ????لد??ر شامل هئا.