اسلام آباد _ 08 نومبر (اي پي پي) مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن 9 نومبر ڇنڇر تي سڄي ملڪ ۾ ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، علامه اقبال 9 نومبر 1877ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو?? ان موقعي تي سڄي مُلڪ ۾ ڊويزنل، ضلعي، سٽي هيڊ ڪوارٽرز سطح تي مختلف تنظيمن نظريه پاڪستان فائونڊيشن، تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ، علامه اقبال لورز فيڊريشن، اقبال اڪيڊمي ۽ مختلف تنظيمن جي ??نتظام هيٺ خاص تقريبون، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرا، بحث، تقريري مقابلا، بيت بازي جا پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ فلسفي شاعر جي ??حريڪ پاڪستان ۽ مسلمان امت لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. اقبال ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب فلسفي شاعر جي مزار تي منعقد ٿيندي جتي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو ۽ ڪيڊٽس جي ??بديلي به ٿيندي. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا خاص پروگرام نشر ڪندو جڏهن ته پرنٽ ميڊيا ۾ پ?? خاص مضمون شايع ڪيا ويندا.