اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ ??ي ح??ال?? سان پڻ م??قعا ڳولين، پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ڇو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ نئين مقرر ٿيندڙ ڪميونٽي ۽ ليبر ويلفيئر اتاشين ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته مون کي اطمينان آهي ته توهان ماڻهن جي مقرري هڪ انتهائي شفاف عمل جي ذريعي ٿي آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي توهان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکو، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو، پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ ??ي ح??ال?? سان پڻ م??قعا ڳوليو. آفيسرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل اسٽيشنز ??ي ح??ال?? سان پنهن??ي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيسرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر ر??ڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ م??جود هئا.