اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چي?? آهي، ته ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شعبي ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستان جي پنجين عالمي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر نمائش ٽيڪسپو 2024ع جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪ??يم ڪنڊي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چي?? ته ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر جي صنعتن ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽيڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر مصنوعات پاڪستان جي قومي روانگي واپار جو 60 سيڪڙو حصو آهي. ڄام ڪمال خان چي?? ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيون آهن. حڪومت ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران ??اڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو عزم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صنعتن کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاريخي روانگي واپار ٿيو. پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، اسان ??يڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان ??وقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪ??يم ڪنڊيءَ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽيڪسپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چي?? ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، جتي اڄ 52 کان ??ڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.