اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپار، سيڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور ??ي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف منگوليا جي وزيراعظم جو گرمجوشي سان اس??قب??ل ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن منگوليا جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور ??ي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳول?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف منگوليا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي ت??بي??ي ادارن ۾ ت??بي?? جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سال قرار ڏي?? جي تجويز پڻ پيش ڪئي. منگوليا جي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهب??ز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪر?? جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائ?? جي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگهه ڏي?? جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.