اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شن??هائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جو 23هون اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اربع تي هتي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويو، وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ حڪومتي سربراهن جي اچڻ تي سندن شاندار استقبال ڪيو.ا جلاس ۾ شريڪ مي??بر ملڪن جي اڪثر حڪومتي سربراهن ۽ وزيرن گذريل ڏينهن وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد پهتا جڏهن ته چين جو وزيراعظم لي چيانگ اڳ ئي سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي. شن??هائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس جو وزيراعظم ميخائيل مشوستن ۽ ايران جو معدنيا وارو وزير محمد اتابڪ به پاڪستان پهچي ويا آهن. اجلاس ۾ شن??هائي تعاون تنظيم جا اڳواڻ ايس سي او جي مي??بر ملڪن وچ ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سم??جي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي ڳالهيون ڪندا ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شن??هائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي جنهن جي سربراهي پاڪستان وٽ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف هن وقت ڪائونسل جي چيئر جي عهدي تي مقرر آهي. شن??هائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ چين، روس، ڪرغزستا??، بيلاروس، تاجڪستان، ترڪمانستان، قازقستان، منگوليا، ڀارت، ايران ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن کان علاوه مبصر ملڪن ۽ ڊائيلاگ پارٽنرز شرڪت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف شن??هائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ باضابطا اجلاس کان اڳ مي??بر ملڪن جي اڳواڻن جي آجيان ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ?? آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيل اجلاس ۾ سال 24-2023ع لاءِ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئر سنڀالي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل رات شن??هائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي وفدن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو جنهن ۾ چين، روس، تاجڪستان، ڪرغزستان، قازقستا??، بيلاروس ۽ ترڪمانستان سميت مي??بر ملڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ اجلاس ۾ شرڪت تي انهن کي ڀليڪار چيو، ميزبان وزيراعظم شريڪ اڳواڻن سان گڏ تصويرون به ڪڍايون. اجلاس ۾ منگوليا مبصر طور ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون به ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. شن??هائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي افتتاحي خطاب کان پوءِ پرڏيهي وفدن جا سربراهه به خطاب ڪندا.