اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪمانستان جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪ??له?? اڱاري ڏينهن ايڪس تي پنهن??ي پوسٽ ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان واپار، توانائي ۽ مواصلات سميت علائقائي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.