اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آ??ي ته ڪنهن به ملڪ ??ي ترقي ۾ تعليم جو شعبو ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو، موجوده حڪومتي پاليسين جي ??سلسل ۽ سڌارن ذريعي ملڪي معيشت بحال ٿي آهي، جيڪا امن ۽ استحڪام جو سبب بڻي آهي، تعليمي نظام جي مضبوطي سان ئي ملڪ ??رقي ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال معاشرو ٺهي سگهي ٿو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن گذريل ڏينهن تعليمي نظام تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ??ي ترقي ۾ تعليم جو شعبو ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو، موجوده حڪومتي پاليسين سبب معيشت بحال ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ امن هوندو ته استحڪام جي فضا قائم ٿيندي ۽ ملڪ ??قتصادي ۽ سماجي لحاظ کان تيز رفتار ترقي ڪندو.هن چيو ته موجوده جديد دور جي گهرجن موجب تعليم کي مضبوط ڪرڻ وقت جي ????م ضرورت آهي، ڇاڪاڻ هڪ باشعور ۽ تعليم يافته قوم ئي بهتر فيصلا ڪري پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهي ٿي. وفاقي وزير پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته 2013ع ۾ ”ويزن“ 2025ع متعارف ڪرايو ويو جنه?? جو مقصد ملڪ ??ي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ هو. ان ويزن تحت ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويو ۽ دهشتگردي تي ضابطو آ??دو ويو، جنهن سان ملڪ ۾ امن ۽ ترقي جي ??اهه هموار ٿي. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت ملڪ ۾ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، جيڪي ملڪي معيشت ۽ بنيادي ڍانچي جي ??هتري لاءِ اهم هئا. هن 2018ع جي ??ورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته ان سال هڪ اهڙي شخص کي ملڪ ??ي مڙهيو ويو جنهن جي پاليسين ملڪي معيشت کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو. سندس حڪومتي دور ۾ ترقي جو عمل رڪجي ويو ۽ معيشت کي پڻ شديد نقصان پهتو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت خطي ۾ ٽيچر ٽريننگ سينٽر قائم ڪري رهي آهي ته جيئن استادن جي ??کيا کي بهتر بڻائي تعليمي معيار کي بلند ڪري سگهجي. هن چيو ته تعليم جي ??عبي لاءِ 75 ارب روپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن ج?? جو مقصد ملڪ ۾ تعليم جي ??هتري يقيني بڻائڻ آهي. احسن اقبال چيو ته ان فنڊ جي مدد سان ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه رهندو ۽ ملڪ ۾ هر ٻار جي ??عليم تائين پهچ کي يقيني بڻايو ويندو، خاص ڪري پٺتي پيل ڏورانهن علائقن ۾ . هن چيو ته حڪومت اقتصادي استحڪام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن جن ۾ بنيادي ڍانچي جي ??هتري، توانائي جي ??عبي ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ شامل آهن. احسن اقبال چيو ته حڪومت جي ??امع ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي?? جو مقصد ملڪ کي ترقي جي ??ستي تي آڻڻ آهي، جنهن سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿيندي پر عوام جي ??هتري ۽ ڀلائي کي يقيني بڻايو ويندو.