اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ?? اخبار پڙهڻ جو قومي ڏينهن گذريل ڏينهن 25 سيپٽمبر تي ملهايو ويو. اخبار جي شڪل ۾ ص??اف?? جي شروعات 12 سئو سال اڳ يورپ ۾ ٿي ۽ سڄي اخبار دنيا جي سموري معلومات جو مرڪز بڻجي وئي. ان ڏينهن جي مناسبت سان منعقد ڪيل مختلف پروگرامن ۽ تقريبن ۾ سوشل ميڊيا جي دور ?? اخبارن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن جي ٽيلي ويزن نشريات ۽ ڊجيٽل ميڊيا باوجود اخبارن جي خبرن کي ئي سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جو ذريعي مڃيو ويندو آهي. ان ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ مختلف سماجي تنظيمن طرفان تقريبن ??و انتظام ڪيو ويو ۽ عام ماڻهن کي اخبار پڙهڻ جي اهميت جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وئي.