اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف بلوچستان جي بلديات واري وزير سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مرحوم سرفراز ڊومڪي جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آه??ون، سردار سرفراز ڊومڪي جي لاڏاڻي سان بلوچستان جي سياست هڪ مدبر ۽ بهترين سياستدان کان محروم ٿي وئي. وزيراعظم محمد شه??از شريف مرحوم سرفراز ڊومڪي جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.