اسلا م آباد -06 آگسٽ(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪ فوج تي قوم کي فخر آهي .06 سيپٽمبر 1965 تي پاڪ فوج دشمن جي حملي کي ناڪام بڻائيند?? سبق سيکاريو ۽ جرئت ۽ به??دري جي تاريخ رقم ڪئي.يوم دفاع جي موقعي تي قوم زميني ،سامونڊي ۽ هوائي ف??ج کي سلام پيش ڪري ٿي. يوم دفاع ۽ 06 سيپٽمبر شهيدن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ رانا مشهود احمد چيو ته پاڪ فوج گهٽ وسيلن سان وڏي پئماني تي دشمنن جو مقابلو ڪيو ۽ جرئت ۽ به??دري جي تاريخ رقم ڪئي. اڄ اسان سڀني کي پنهنجي ??وا??ن سان گڏ هجڻ جي وچن کي ورجائڻو آهي. اڄ جو ڏينهن وطن عزيز لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙن جي ياد ڏياري ٿو. يوم دفاع جي موقعي تي قوم زميني ،سامونڊي ۽ هوائي ف??ج کي سلام پيش ڪري ٿي. رانا مشهود احمد خان چيو ته اسان سڀ پاڪ فوج پاران ڏنل قربانين تي سندن احسان مند آهيون . اڄ جو ڏينهن ملڪ جي دفاع جي عزم جو ڏينهن آهي، يوم دفاع پاڪستان کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي عزم جو ڏينهن آهي.