لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪست??ن مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پارٽي جي نائب صدر حمزه شهباز شرڪت ڪ??ي. ??ن موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجود هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشاورت ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي رليف لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن تي پارٽي سربراهه کي بريف ڪيو. ??ن موقعي تي وزيراعظم سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي به پارٽي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته خسارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي عوامي رليف لاءِ ما??ي گنجائش پيدا ڪ??ڻ جي ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به پنجاب ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪومت جي 50 ارب ۽ پنجاب حڪومت جي 46 ارب روپين جي عوامي رليف کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شهري کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ۽ سندس ٽيم شاباش جي حقدار آهي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي بحر??ن مان ڪڍڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي خرچن ما?? ڪٽوتي ۽ بچت سان عوام کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.