اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ نجي ادارن جي تعاون سا?? سڄي ملڪ ۾ 250 کان وڌيڪ اي روزگار مرڪز قا??م ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ عملدار موجب انهن مرڪزن جو مقصد ننڍن شهرن ۾ محنتي ۽ هنرمند نوجوانن کي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين ڊجيٽل موقعن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. اي روزگار مرڪز ملڪ جي هر ضلعي ۾ قا??م ڪيا ويندا. انهن مرڪرزن جي ورهاست هر صوبي جي آبادي سا?? گڏوگڏ اگنائيٽ سا?? رجسٽرڊ 12 لک فري لانسرز جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي. پنجاب 149 مرڪزن سا?? اڳيان اڳيان آهي. ان کانپوءِ سنڌ 51، خيبرپختونخوا 28، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 11، بلوچستان ۾ 6، آزاد ڪشمير ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ 2 مرڪز قا??م ڪيا ويندا. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف طرفان پنجاب ۾ شروع ڪيل اي روزگار سينٽر انتهائي ڪامياب ثابت ٿيا جنهن مان لکين نوجوان لاڀ پرائي رهيا آهن، اهي مرڪز خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ ڊزائين ڪيا ويا آهن جيڪي مهانگين آفيسن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي کين آءِ ٽي مهارتن مان فائدو ک??ڻ ۽ ڊجيٽل افرادي قوت ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. اميد آهي ته انهن قدمن سا?? وڌيڪ نوجوانن کي تيزي سا?? ترقي ملندي ۽ آءِ ٽي جي شعبي مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻجي سگهندا.