اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پي ٽي آء?? ۽ فيض حميد جو ڳٺ جوڙ، اوڀرندي سرحد واري پاسي پاڪست??ن مخالف جذبا رکندڙ صحافين سان پي ٽي آء?? جا رابطا ۽ اولهندي سرحد ذريعي فتنه الخوارج کي واپس آڻڻ وارا فيصلا ملڪ دشمني جو بدترين مث??ل قرار ڏيندي ??يو ته پي ٽي آء?? اڳواڻ رئوف حسن جا ڀارتي صحافي سان چڙ ڏياريندڙ ۽ خوفناڪ پيغامن تي ٻڌل رابطن سان پي ٽي آء?? جي ملڪ دشمني تي ٻڌل ايجنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي چڪي آهي. پي ٽي آء?? اڳواڻ جي پرڏيهي دشمنن سان رابطن تي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ??يو ته ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪندي فارن فنڊڊ جماعت پهرين سائفر ذريعي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو ۽ هاڻ ملڪ جي سلامتي ۽ بقا کي نقصان پهچائڻ لاءِ پنهنجي پرڏيهي آقائن جو سهارو وٺي رهيو آهي، هن ??يو ته هو ڄاڻايل ڀارتي صحافي پاڪست??ن مخالف جذبا رکن ٿا. هن ??يو ته رئوف حسن ڀارتي صحافي سان تحريڪ انصاف جي سوچ جي ترجماني ڪئي جيڪا پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا خلاف سازشن کي هٿي ڏئي رهي آهي.هاڻي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته 9 مئي جا حملا ڇو ڪيا ويا. هن ??يو ته پي ٽي آء?? جو اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا سيل ملڪ دشمنن سان رابطن جو وڏو ذريعو هو. ان سيل ذريعي پاڪ ۽ سپهه سالار خلاف به مهم هلائي ويندي هئي جنهن جون ڪڙيون اڄ ڀارت س??ن ملي رهيون آهن. وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان ۾ خوني انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ جو مطلب آهي ته پي ٽي آء?? ڀارت جو اسپانسرڊ ايجنڊا کڻي هلي رهي آهي. هن ??يو ته پي ٽي آء?? کي ڀارتين پرڏيهه مان فارن فنڊنگ ڪئي، جيڪا جاچ ۾ سامهون اچي چڪي آهي. هاڻي ڀارتي صحافين کان پي ٽي آء?? اڳواڻ جا رابطا ثابت ڪن ٿا ته هو ملڪ دشمن قوتن جي چوڻ تي پاڪست??ن مخالف مهم هلائي رهيا آهن. وفاقي وزير ??يو ته فارن فنڊڊ ٽولو ملڪ دشمني جي هر حد پار ڪري ورتي آهي، ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته ان جو اصل هدف پاڪستان جي قومي مفادن ۽ فوج کي نقصان پهچائڻ هو، هي ماڻهو پاڪستان ۾ ويهي ڀارتي ايجنڊا پوري ڪري رهيا آهن. پاڪستان تي وار ڪندڙ دهشتگردن کي به ان لاءِ واپس آندو ته جيئن ڀارتي ايجنڊا پوري ٿي سگهي. عطاالله تارڙ ??يو ته فيض حميد به پي ٽي آء?? جي باني جو اهم مهرو بڻيل رهيو ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ پي ٽي آء?? جو سياسي مهرو ثابت ٿيو. قوم کي اها اصليت به معلوم ٿي وئي آهي، ته مرشد جو مؤڪل فيض هو، فيض مرشد جو نه پر فيض حميد جو هو. هن ??يو ته فيض نيازي ڳٺ جوڙ جون ڪڙيون نيازي جي گهر بشريٰ س??ن ملن ٿيون جيڪا هن ڳٺ جوڙ ۾ هڪ مرڪزي ڪردار هئي. هن ??يو ته فيض، نيازي ۽ بشريٰ ڳٺ جوڙ پنهنجي پنهنجي مڪروهه مقصدن لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو. فيض نيازي ڳٺ جوڙ پاڪ فوج مخالف بيانئو به گڏ هلايو ته جيئن رٽائرڊ ۽ سرونگ آفيسرن کي ڀڙڪائي سگهجي ۽ ليڊرشپ خلاف اڪسايو وڃي. هن ??يو ته فيض نيازي ڳٺ جوڙ اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪ فوج ۾ ??نه?? قسم جي ڪنفيوزن ۽ ورهاست آهي.