اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ??رثي ۽ ثقافت واري وفا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرو ارشد نديم کي پيرس ??ولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيت مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني رانديگر ڪنهن کان گهٽ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته پيرس ??ولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ارشد نديم تاريخ لکي ڇڏي آهي، سندس ڪاميابي ه?? پاڪستاني نوجوان جي لاءِ مشعل راهه ??هي جنهن سان نوجوانن کي راندين جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ملندي. وفا??ي وزير چيو ته ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي، توهان کي منهنجي پاران لکين مبارڪون هجن.