اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن تهران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مس??ود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم تهران جي دوري دوران ايران جي نئين صدر کي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ترجمان چيو ته محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي اير??ني قوم کي مبارڪباد ڏني. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم نئين اير??ني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪ?? ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي حمايت ۽ يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ڊاڪٽر پيز شڪيان مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ح??ثي?? سان ايران پاڪستان سان سٺي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.