اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو اعتراف آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽي?? جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم چ??و ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. وزيراعظم چ??و ته معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ان جا ثمر عوام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻ??دا??ين، فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون پاڪستان جي معاشي بهتري جي حوالي سان اهم آهن. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌ??دا??ين، اميد آهي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چ??و ته اسٽي?? بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.