اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پا??ٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسي??بل?? ۽ گلگت بلتستان اسي??بل?? جي اسپڪرز کي به گورننگ بورڊ جو مستقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسي??بل?? جي اسپيڪر ملڪ م??مد ا??مد خان، سنڌ اسي??بل?? جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسي??بل?? جي اسپيڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا اسي??بل?? جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسي??بل?? جي اسپيڪر نذير ا??مد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال ??ظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد ا??مد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.