بيجنگ – 08 – جون (ا?? پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ??يني عملدارن کي پاڪستان ۾ مڪمل سازگار ماحول جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي چين س??ن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اهميت رکندڙ آهي، چين جا ڪاروباري ادارا انفراسٽرڪچر، ماڊرن ا??گريڪلچرل، لاجسٽڪ، سپلائي چين مارڪيٽ ۽ هيلٿ ڪيئر، ارٽيفيشل انٽيليجنس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ گڊز ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چيني ڪاروباري سربراهن جي اجلاس ۽ بيجنگ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ٻطرفي ڪامياب سيشن دوران ??الهائيندي ڪيو. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ڪامرس واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ??يني عملدارن س??ن ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته اي ڪامرس ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن جن مان ??يني ڪاروباري ادارا فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته انفراسٽرڪچر، ماڊرن ا??گريڪلچر، لاجسٽڪ، سپلائي چين مارڪيٽ ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ٿيندي. آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ گڊز تي پڻ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ??يني عملدارن کي پاڪستان ۾ مڪمل سازگار ماحول جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڙيسري هجڻ جي ناطي چين مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اهميت رکندڙ آهي. عبدالعليم خان ??يو ته اي ڪامرس پاڪستان ئي نه سڄي دنيا ۾ بزنس جو اصل مستقبل آهي. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير ۽ بيجنگ جي 60 سالا پراڻي سي زيڊ جي هورائي گروپ جو گڏيل اجلاس پڻ ٿيو. گروپ چيئرمين ليو يافي، جنرل مئنيجر صوفيه لي، ڊيوي ڊانگ، چن وينلونگ ۽ شي جي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪامرس واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ??يني عملدارن کي پاڪستان ۾ واپاري حوالن س??ن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽري اڪيڊميا ريسرچ ۽ ايسٽ مئنيجمينٽ تي ٻطرفي تعاون س??ن ڪم ٿيندو. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٽينگشن ڊونگها آئرن اسٽيل گروپ جي وفد س??ن پڻ بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ۽ آئرن جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيئر ايڊوائزر ٽو ڊونگها گروپ چيئرمين مس لوشو وفاقي وزير عبدالعليم کي انويسٽمينٽ معاملن تي بريفنگ ڏني.