اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪلاڊيا شين بام کي ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر چيو ته آئون ميڪسيڪو جي پهرين عورت صد?? جي طور تي ت??ه??ن جي تاريخي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ت?? شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت ۽ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ جدوجهد ڪئي. صدر چيو ته اسان توه??ن جي قيادت ۾ ميڪسيڪو سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري ميڪسيڪو جي صدر جي ڪ??ميابي ۽ ميڪسيڪو جي خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو.