اسلام آباد-04 جون (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احس?? اقبال چيو آهي ته اسان جو ڌيان بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌائڻ تي آهي. چين ڏانهن روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 5 جون تي منعقد ٿي??دڙ بزنس ٽو بزنس فورم ۾ پاڪستان ۽ چين جون ڪمپنيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون. احس?? اقبال چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ اسان جو سڄو ڌيا بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌائڻ تي آهي. پاڪستاني واپاري برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري سهڪار وڌائڻ جي ڪوششن تي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. احس?? اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي وڌ کان وڌ پيداواري ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي واپارين کان ڪاروبار ڪرڻ جا گر سکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪ??دڙ ملڪن جي درپيش چئلينجز کان چڱيءَ ريت واقف آهيو?? ان لاءِ کين معاشي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. احس?? اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي گهرجي ته اهي واپار ۽ ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ سي پيڪ فيز 2 جي موقعن مان ڀرپور فائدو وٺن. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار رڳو شين ۽ خدمتن تائين محدود ناهي. حڪومت ان جو دائرو علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تحقيق، جدت، سپلاءِچين ۾ بهتري آڻڻ ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار جي صورت ۾ ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي.