اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقا?? ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير عوام دوست بجيٽ جي تياري بابت وقتي صدر کي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وفاقي وزير وقتي صدر کي مهانگائي تي ض??بطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن کان پڻ آگا??ه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير ??يو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل قدمن جو ثمر آهي. وقتي صدر ??يو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ ۽ اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ض??ورت آهي.