ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چ??و آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي ر??ي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي ر??ي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم حڪومت پا??ان معاشي استحڪام جي لاءِ سڌاراجاتي قدمن تي ر??شني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي ر??ي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي ر??ي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپنين جي پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون سان ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات ۾ وزيراعظم ابوظهبي فنڊز فار ڊيولپمينٽ جي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.