اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي فروغ، آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ ۽ اسٽارٽ اپس کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??وا??ي سان آءِ ٽي پارڪس جو قيام خوش آئنده آهي، اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي ??عم??ر جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪ??و وڃي جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جو منصوبو ايندڙ س??ل مڪمل ڪ??و ويندو، 2025ع ۾ سڄي ملڪ ۾ 100 نوان اي – روزگار مرڪز ۽ 10 نوان سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪس جي ??وا??ي سان اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي جي فروغ، آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ ۽ اسٽارٽ اپس کي سهولتون ڏيڻ جي ??وا??ي سان آءِ ٽي پارڪس جو قيام خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي ??عم??ر جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪ??و وڃي. وزيراعظم سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس جي ڪارڪردگي جي ??وا??ي سان ٿرڊ پارٽي ايويليوايشن ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران آءِ ٽي پارڪس جي ??وا??ي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جو منصوبو ايندڙ س??ل مڪمل ڪ??و ويندو. اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ ۾ اسٽارٽ اپس، انڪيوبيشن سينٽرز، بئنڪس، ريسٽورانٽس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي آگاهه ڪ??و ويو ته ڪراچي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو منصوبو 2027ع تائين مڪمل ٿيندو. اجلاس کي و??يڪ آگاهه ڪ??و ويو ته ملڪ 29 شهرن ۾ 43 سافٽ ويئر ٽيڪالاجي پارڪس قائم ڪيا ويا، 2025ع ۾ سڄي ملڪ ۾ 100 نوان اي – روزگار مرڪز ۽ 10 نوان سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس قائم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.