اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (AEMEND) جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ??هي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز جو شعبو براڊ ڪاسٽ جرنلزم جو اهم ۽ حساس شعبو آهي جنهن جي اهميت تمام واضح ??هي. هن ان اميد جو اظ??ار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار فيڪ نيوز جي خاتمي ۾ پنهن??و ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل صدر اظهر عب??س، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق محمود، جوائنٽ سيڪريٽري ميان طاهر، جوائنٽ سيڪريٽري ريحان خان ۽ فنانس سيڪريٽري شهاب محمود کي نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو.