اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جيڪو 28 کان 29 اپريل تي ??ياض ۾ ”عالمي تعاون، واڌويجهه ۽ ترقي بابت توانائي“ جي موضوع تي منعقد ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ڊبليو اي ايف جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين جي دعوت تي ??عودي عرب جو دورو ڪندو. هن چيو ته فورم ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت عالمي سطح تي ??حت جي ڍانچي، جامع ترقي، علائقائي تعاون ۽ واڌويجهه ۽ توانائي جي کپت جي وچ ۾ توازن ۾ پاڪستان جي ترجيحن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي، ان کانسواءِ شريڪ عالمي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم 4، 5 مئي 2024ع تي گيمبيا جي گادي واري شهر بنجول ۾ ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ جي نعري تحت اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي 15 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گيمبيا جو دورو ڪندو. او آءِ سي جو سربراهي اجلاس اهڙي نازڪ وقت ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جڏهن غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جو سلسلو جاري آهي، اجلاس ۾ مسلمان دنيا جا اڳواڻ فلسطين جي صورتحال تي ??ور فڪر ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ نسل ڪشيءَ تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي ??و اظهار ڪندو، فلسطينين جي خودمختياري جي حق جي وڪالت ڪندو، يڪجهتي ??ي لازمي ضرورت کانسواءِ اسلامو فوبيا، دهشتگردي ۽ دنيا خاص طور تي مسلم دنيا کي درپيش چئلينجز تي ڳالهه ڪندو. وزيراعظم مسلم دنيا جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. او آءِ سي سربراهي اجلاس کان اڳ 2 کان 3 مئي تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو شروعاتي ??جلاس ٿيندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪندو، جيڪو ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ڀارتي ??ڳواڻن جي اشتعال انگيز بيانن ۾ اضافو ڏسي رهيو آهي جيڪو ڀارتي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ??يرضروري دعويٰ ڪن ٿا. پاڪستان اشتعال انگيز بيان بازي تي ٻڌل ڀارتي ??عوائن کي رد ڪري ٿو، اهڙيون دعوائون علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهن. هن ڀارتي ??ياستدانن تي ??ور ڏنو ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي اندروني ڳالهه ٻولهه جو حصو بڻائڻ جو عمل بند ڪن. هن چيو ته ڀارتي ??يان بازي ۽ دعوائن جي باوجود ڀارتي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ڇو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته حتمي حيثيت جو تعين آزاداڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪشميري عوام جي مرضي سان ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت جي لاءِ دانشمندي هوندي ته هو ڪنهن فريب ۾ مبتلا ٿيڻ ب??ران انهن قراردادن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. ترجمان ڀارت ۾ مسلمانن ۽ اقليتن جي مسلسل تذليل ۽ انهن کي نشانو بڻائڻ جي پڻ مذمت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته في الحال پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي معمول تي ??ڻڻ جي لاءِ ڪا بيڪ چينل ڊپلوميسي نه هلي رهي آهي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري بابت ميڊيا کي آگاهه ڪندي هن چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران ??نه?? ڌرين اقتصادي ۽ ثقافتي ??عاون کي مضبوط بڻائن، ٻطرفين سرحدن کي امن ۽ تعاون جي سرحدن ۾ تبديل ڪرڻ، آزاد واپاري معاهدي ۽ هڪ ٻئي جا قيدي آزاد ڪرڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه تيز ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ بابت سوال تي هن چيو ته ايراني صدر جي دوري دوران ان تي ڳالهه ٿي ۽ گڏيل بيان ۾ پڻ ان کي نمايان ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان کي توانائي جون ضرورتون آهن ۽ هو ان جي درآمد جي لاءِ آپشنز ڳولي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران پاڪستان واپار بابت آمريڪي عملدارن جي بيانن کي نوٽ ڪيو آهي ۽ آمريڪا سان توانائي جي ضرورتن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي هڪ اعليٰ سطحي وفد چيئرمين لوزائو هوئي جي قيادت ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ??نه?? ڌرين چائنا پاڪستان اڪنامڪ لنگهه تحت تڪميل هيٺ منصوبن کي تيز ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. غزه جي صورتحال ۽ ٻن اجتماعي قبرن جي دريافت تي ??وشني وجهندي ترجمان اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي جاچ ۽ ذميواري جي تعين، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ انساني امداد تائين بنا روڪ ٽوڪ پهچ جو مطالبو ڪيو. ترجمان انساني حقن بابت آمريڪي ڪنٽري رپورٽ کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ڇو ته ان رپورٽ جي لاءِ ناقص طريقيڪار استعمال ٿيو آهي.