اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن تي کيس خ??اج عقيدت پيش ڪريون ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ??ي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 اپريل 1979ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ غيرشفاف عدالتي ڪارروائي جي ذريعي ڦاهي جي سزا ٻڌائ?? وئي هئي. 44 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان تاريخي غلطي جو ازالو ڪيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرڀاتين ۽ ڪارڪنن جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان جو ازالو رڳو ڳوڙها ۽ نه ختم ٿيندڙ افسوس آهي. هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي خ??اج عقيدت پيش ڪندي ان جي مغفرت ۽ سمورن لاڳاپيلن جي لاءِ صبر جي دعا ڪريون ٿا.