اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پا??ستان چيو آهي ??ه ڀارتي قابض عملدار پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دريافت ٿيندڙ ليٿيم جي زخيرن جي ڪجهه بلاڪس کي نيلام ڪرڻ ??ي تياري ڪري رهي?? آهن، اهي خدش?? آهن ته والاريل علائقي کان ٻاهر جي ڪارپوريشنن کي ڪشميري عوام جي ان قيمتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جا ٺيڪا ڏنا ويندا. پرڏيهي ??فيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قابض عملدارن پاران ڪشميرين کي انهن جي قدرتي وسيلن جي حق کان محروم ڪرڻ جا قدم قانوني ۽ استحصالي آهن. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي ان جي قدرتي وسيلن کان محروم نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير جي ماڻهن جو پنهنجي وطن جي دولت تي سڀ کان وڌيڪ حق آهي ??نهن ۾ ليٿيم جهڙي قيمتي ڌات به شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اهڙي طرح جي استحصالي منصوبن کي رد ڪري ۽ پنهنجي زمين ۽ قدرتي وسيلن تي ڪشميرين جي حق جو احترام ڪري. ترجمان چيو ته پا??ستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.