اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ موجوده قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جو جائ??و وٺڻ، منصوبن جي تڪميل کي تيز تر ڪرڻ ۽ توانائي پاليسي جو جائ??و وٺڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران ج??ري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪابينا جي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او اي)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ ج??ري ۽ منصوبابندي جي مرحلي ۾ موجود توانائي منصوبن، خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت ايندڙ منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ، توانائي شعبي بابت موجوده قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جو جائ??و وٺڻ، ان ۾ موجود خامين ۽ ڪمزورين کي ختم ڪرڻ، سڌاراجاتي قدمن جي تجويز پيش ڪرڻ، منصوبن جي تيز رفتار تڪميل ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ، موجوده توانائي پاليسي جو جائ??و وٺڻ ?? ان جي ڪمزورين کي ختم ڪرڻ، توانائي جي بچت جي حوالي سان پاليسين/ منصوبن کي جوڙڻ ۽ انهن جي باقاعده نگراني ڪرڻ، ضرورت موجب، پر گهٽ ۾ گهٽ هر ٻن هفتن ۾ هڪ ڀيرو بي?? الوزارتي رابطاڪ??ري ڪرڻ، پاليسي/ انتظامي قدمن جي ذريعي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جو منا??ب ذخيرو يقيني بڻائڻ، موثر توانائي مارڪيٽن جي جوڙجڪ ڪرڻ ۽ توانائي شعبي ۾ چوري جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ فائدو صارفين تائين پهچائڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڻ هوندو جڏهن ته سندس غيرموجودگي ۾ ان ڪميٽي کي پيٽروليم وارو وزير چيئر ڪندو. ڪميٽي ميمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير، بجلي وارو وفاقي وزير، پيٽروليم وارو وفاقي وزير جڏهن ته خصوصي دعوت تي لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز، اوگرا ۽ نيپرا چيئرمين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.