اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري جي ??مل ۾ ايندڙ رڪاوٽون جلد کان جلد ختم ڪرڻ ۽ ان کي تيز رفتار بڻائڻ، وقت جي واضح تعين سان قدمن ۽ هدفن جا تفصيل پيش ڪرڻ ۽ ڪابينا جي ??وڙجڪ سان گڏ ئي پرائيويٽائيزيشن بابت التوا هيٺ حل طلب مسئلا پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ نجڪاري جي ??مل ۾ شامل سمورن ادارن جي مڪمل فهرست ۽ اڳڀرائي جي ??پورٽ طلب ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته نجڪاري جو عمل تيز رفتار بڻايو وڃ?? ته جيئن معيشت جي ??حالي ۽ عوام کي ريليف جي فراهمي جو عمل تيز ٿئي، نجڪاري جا ذميوار ادارا صلاحيت وڌائڻ ۽ گهربل صلاحيت حاصل ڪرڻ جا فوري قدم کڻن، ايندڙ رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃ?? ته جيئن ملڪ ۽ قوم کي اربين رپين جي ??سارن مان ڇوٽڪارو ملي ۽ پاڪستان جي معاشي حالت بهتر ٿئي. وزيراعظم نجڪاري جي ??مل ۾ شامل سمورن ادارن جي مڪمل فهرست ۽ اڳڀرائي جي ??پورٽ پيش ڪندي هدايت ڪئي ته وقت جي واضح تعين سان قدمن ۽ هدفن جا تفصيل پيش ڪيا وڃ??. وزيراعظم هائوس ۾ نجڪاري جي ??والي سان منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف نجڪاري ڪميشن ۽ نجڪاري واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ??وڙجڪ سان گڏ ئي پرائيويٽائيزيسن بابت التوا هيٺ حل طلب مسئلا پيش ڪيا وڃ?? ته جيئن ڪابينا انهن تي فيصلو ڪري ۽ اهو معاملو حل ٿئي، اڳ ۾ ئي ان معاملي ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي، وڌيڪ دير جي گنجائش نه آهي. وزيراعظم بجلي ڪمپنين کي صوبن جي ??والي ڪرڻ جي ??جويز تي هڪ جائزه ڪميٽي پڻ جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا وزيراعظم کي پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. وزيراعظم واضح ڪيو ته نجڪاري جي ??مل جي ??موري ذميواري نجڪاري ڪميشن ۽ نجڪاري واري وزارت تي لاڳو هوندي آهي، جيڪڏهن ڪٿي مسئلا آهن ته انهن کي ختم ڪرڻ به وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جي ??ميواري اهي، جيڪڏهن صلاحيت ۽ سگهه جا مسئلا آهن ته انهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃ??. وزيراعظم چيو ته نجڪاري جي ??مل جي ??داراجاتي سطح تي شفافيت يقيني بڻائين ۽ نگراني جي ??المي معيار جا موثر ۽ آزمايل طريقا اختيار ڪيا وڃ?? ته جيئن ڪير آڱر نه کڻي سگهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جي وڏي قيمت ملڪ ۽ عوام ادا ڪرڻ تي مجبور آهي، خدا جي ??ضا ۽ ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي نيت سان انهن خسارين مان قوم کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ سڀ پنهنجو مخلصاڻو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ايندڙ نسل اسان جو نالو عزت ۽ احترام سان وٺي. وزيراعظم واضح ڪيو ته معيار، شفافيت ۽ پاڪستان جي مفاد جي پئماني تي هلڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪا??وب??ري مقابلي ۽ عوام کي بهترين خدمتن جي فراهمي جي مقابلي جو ماحول ٺاهڻو پوندو تڏهن ئي هتي بهتري ايندي، وزارتون ۽ ادارا پروفيشنل ازم ۽ جذبي جو مظاهرو ڪندي حل تجويز ڪن، اهو پاڪستان جي ??هتري جو سوال آهي. اجلاس ۾ پي آءِ اي، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، فرسٽ وومين بئنڪ، روز ويلٽ هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، بجلي جي ڪارخانن ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن سميت خسارن ۾ هلندڙ ٻين ادارن جي نجڪاري جي ??مل تي تازه ترين صورتحال، هيستائين جي ??ڳڀرائي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري واري وزارت جي ??يڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نجڪاري جي ??مل ۾ دير جو هڪ وڏو سبب عدالتن پاران جاري ٿيندڙ منع ناما آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان معاملي ۾ حڪومت پاران پيش ٿيندڙ قانوني ٽيم کي موثر بڻايو وڃ?? ۽ قانون واري وزارت مناسب قدم تجويز ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايئرپورٽس جي ??ئوٽ سورسنگ جي لاءِ 5 مارچ تي واڪ جي وصولي جي ??خري تاريخ هئي. اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، شيزه فاطمه خواجه، رومينه خورشيد عالم، احد چيما، علي پرويز ملڪ، راڻا احسان افضل، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين، نجڪاري واري سيڪريٽري، قانون واري سيڪريٽري سميت اعليٰ عملدار شريڪ هئا. ناليواري بئنڪر محمد اورنگزيب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.