اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ پاڪ??تا?? سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن، مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلت??تا?? جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، لاڳاپيل عملدار اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلت??تا?? جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چي??رمين راجا ناظم الامين جي قيادت ۾ رائل فائونڊيشن آف گلگت بلت??تا?? جي 17 رڪني وفد ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلت??تا?? قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ اتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هن چيو ته مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلت??تا?? جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، اسڪردو ايئرپورٽ کي عالمي حيثيت ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ سياحت ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪ??تا?? سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ ڪيترائي ملڪ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلت??تا?? ۾ بجلي جي مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلت??تا?? جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلت??تا?? جي مجموعي ترقي علائقي ۾ سماجي هم آهنگي تي منحصر آهي. نگران وزيراعظم رائل فائونڊيشن آف گلگت بلت??تا?? جي علائقي جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. وفد نگران وزيراعظم کي گلگت بلت??تا?? جي مختلف شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال گلگت بلت??تا?? ۾ 16 لک کان وڌيڪ سياح اچي چڪا آهن.