اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئ??يره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئ??يره مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد م??شر توقير شاهه چيف ڪئ??يره مين احمد خان سولنگي جي پونئيرن جي لاءِ 24 لک رپيا ۽ ڪئ??يره مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ 15 لک رپين جي مالي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد م??شر توقير شاهه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي وي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي کي سدائين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئي ملازم ڪئ??يره ذريعي پاڪستان جي مختلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين تي آندي، انهن جي اداري لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سيد م??شر توقير شاهه احمد خان سولنگي ۽ ظفر علي جي اداري جي لاءِ شاندار خدمتن تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جو چيف ڪئ??يره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئ??يره مين ظفر علي گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب روڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئا.