اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ 4 کان 6 جنوري تائين سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس منعقد ٿي ??هي آهي جنهن ۾ علائقائي نمائندن سان گڏ??گڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان مو??ب ڪانفرنس جي شروعات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقا??ي ۽ عالمي رخ?? تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقا??ي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخ?? تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.