اسلام آب??د ?? 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گهرو وزارت ۾ نئين وي??ا نظام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي به موجود هو. گهرو وزارت جي عملدارن نگران وزيرا??ظم کي نئين وي??ا نظام بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته نئين وي??ا نظام تحت بزنس مينز کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ويزا جاري ڪيا ويندا ۽ ان مقصد جي لاءِ گهٽ کان گهٽ دستاويز گهربل هوندا. ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويو آهي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي فروغ ملي. نگران وزيرا??ظم گهرو وزارت پاران نئين وي??ا نظام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. نگران وزيرا??ظم گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. نگران گهرو وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته نادرا جي تعاون سان گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.