اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلامي ??لڪ?? تي زور ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي ل??ءِ عالمي برادري تي زور ڏي??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي ل??ءِ نگران وزيراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ??لڪ?? مان هڪ آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگران وزيراعظم گڏيل عرب امارات کي ان اهم عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم اسلامي ??لڪ?? تي زور ڏنو ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي ل??ءِ عالمي برادري تي زور ڏي??.