اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ا??پتالن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏنو آهي ته اهي ميڊيڪل جي نظام ۾ اسڪريننگ جي بهتر سهولتن تي ڪم ڪن ته جيئن عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلن ۾ خبر پئجي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ميموگرام ۽ الٽراسائونڊ جي ذريعي جلد تشخيص سان مريضن جي موت جي شرح ۾ 98 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ناليواري انٽرنيشنل اسپتال پاران نيشنل پريس ڪلب جي تعاون سان منعقد تقريب ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي خلاف ڊگهي مدي ۽ وسيع پئماني تي مهم جي اهميت کي ا??اگر ڪيو ويو ته جيئن ملڪ ۾ هر سال عورتن جي 40 هزار موت جي ڳڻتي جوڳي حد تائين جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي ا??مينان ??و اظهار ڪيو ته ايوان ??در جي پليٽ فارم تان ??ن جي مسلسل مهم سان پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي رپورٽنگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته جلد تشخيص سان ملڪ ۾ هزارين عورتن جون زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي هڪ حصي طور پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سيلولر سروسز جي ذريعي ا??دو زبان ۾ 140 ملين ٽيڪسٽ ميسجز ۽ رنگ ٽونز موڪليا. هن چيو ته جاري ڪيل پيغامن ۾ عام ماڻهن جي لا??ِ ڇاتي جي ڪينسر، ان ??ي علامتن، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر علاج بابت معلومات شامل هئي. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي ماهوار بنيادن تي 5 منٽ پاڻ معائنو ڪرڻ جي مشق ڪن ۽ ڪنهن به غيرمعمولي صورتحال جو پتو لڳائڻ جي لا??ِ فوري طور تي طبي مشورو وٺن. خاتون اول ناليواري انٽرنيشنل اسپتال پاران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص جي لا??ِ 31 ڊسمبر تائين رعايتي ميموگرامز ۽ الٽراسائونڊز جي ا??ڪريننگ جي سهولت جي آڇ کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻين اسپتالن کي به ان ??ي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن قومي ۽ مقامي ميڊيا تي پڻ زور ڏنو ته اهي سڄو سال مستقل بنيادن تي پن??نجي پرگرامن جي ذريعي ان موذي بيماري کي ا??اگر ڪندا رهن. ناليواري انٽرنيشنل اسپتال جي سي اي او هارون نصير چيو ته خاتون اول جي سرپرستي ۾ آگاهي مهم جي نتيجي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي انگ ۾ اضافو ٿيو، اهڙي طرح موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. هن پن??نجي ا??پتال ۾ اسڪريننگ جي سهولت جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پروگرام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نيشنل پريس ڪلب جي فنانس سيڪريٽري نيئر علي چيو ته صحافتي برادري ٽيليويزن پروگرامن ۽ مضمونن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. ان موقعي تي هڪ پينل ڊسڪشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ آنڪولوجي، ريڊيالوجي ۽ گائناڪالوجي جي شعبن جي ڊاڪٽرن جلد اسڪريننگ جي اهميت بابت ٻڌايو. طبي ماهرن عورتن جي لا??ِ مناسب رهنمائي تي زور ڏنو ته اهي پن??نجو پاڻ معائنو ڪري طبي مشوري جي لا??ِ ڪيئن رجوع ڪري سگهن ٿيون. پينل 40 سال کان وڌيڪ عمر جي عورتن جي لا??ِ اسڪريننگ ۽ ميموگرام جي پڻ سفارش ڪئي.