بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي ??اءِ پهچي ويو. جنهن کانپوءِ نگران وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو ۽ چين ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??فاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي اعليٰ سطح جي ??ورم (اوپن عالمي معيشت ۾ رابطو) ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب به ڪندو. نگران وزيراعظم پنهنجي چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو جتي پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??روغ لاءِ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. نگران وزيراعظم ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميشن فار ڊسيپلين جي سيڪريٽري لي شي سان به ملاقات ڪندو.