لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آڪسفورڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آڪسفورڊ يونين جيڪا بااثر اڳواڻن ۽ مفڪرن جي ميزباني جي لاءِ ??شهور آهي، ان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. آڪسفورڊ يونين جي صدر ديشا هيگڊي نگران وزيراعظم سان هڪ انٽر ايڪٽو س??ال ۽ جواب جي سيشن کي موڊريٽ ڪيو جنهن ۾ اهم قومي، علائقائي ۽ عالمي مسلئن تي سندس ويزن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سوال ڪيا جيڪي اڳواڻن ۽ اس??الرز جي اڳئين نسل سان واڳيل هئا. ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت، سياست، سلامتي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آڪسفورڊ يونين جي آفيس ۾ نگران وزيراعظم عالمي مباحثي ۽ قيادت جي جوڙجڪ ۾ اداري جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون. ان کا?? نگران وزيراعظم آڪسفورڊ سينٽر فار اسلامڪ اسٽڊيز جو پڻ دورو ڪيو جتي سندس استقبال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحان احمد نظامي ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي مرڪز جو دورو ڪرايو ۽ کيس بين الثقافتي افهام ۽ تفهيم ۽ اسلامي تهذيب جي مطالعي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کا?? آگاهه ڪيو. اها تقريب فڪري مٽاسٽا ۽ مڪالمي جو هڪ اهم لمحو هو جنهن ۾ عالم?? حصيداري ۽ فڪري ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??گران وزيراعظم جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو.