اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته ??گران حڪومت جيتري وقت جي لاءِ رهندي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪنداسين، چونڊن جي تاريخ نگران وزيراعظم نٿو ڏئي سگهي، انتظامي مداخلت جي ذريعي عوام کي جيڪو به ريليف ڏئي سگهون ٿا ضرور ڏينداسين ۽ ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل هونديون آه??، غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو ويندو، ڪرنسيءَ جي غيرقانوني صنعت جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، اسمگلنگ جي حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي آه??، ذميوارن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهيا آه??ون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايپڪس ڪميٽين کي مت??رڪ ڪيو ويو آه??، ميڊيا تي پابندي جو تاثر صحي?? نه آه??، بنا ڪنهن ڊپ ۽ خطري جي قانون جي عملداري يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ صوبائي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آه?? ۽ نگران حڪومت جيڪي هدايتون ڏنيون هيون انهن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو آه??، ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ انهن تي عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ جي مڪينزم تي پڻ غور ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ??وجوده مالياتي بحران ۾ مهانگائي، منافعي خورن ۽ ذخيره اندوزن جي هٿان پيڙهيل عوام کي انتظامي مداخلت جي ذريعي جيڪو به ريليف ممڪن ٿيندو، ڏنو ويندو ۽ ان ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ حڪومتي قدم نظر ايندا. هڪ سوا?? جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ??گران حڪومت هڪ مهينو رهي يا ڏيڍ مهينو اهو غيراهم آه??، جيتري به وقت جي لاءِ نگران حڪومت رهندي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ، بجلي چوري ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام جي حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل آه??، 200 يونٽ تائين جي بجلي صارفين کان قسطن ۾ بل وصول ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو جلد ڪيو ويندو. غيرقانوني پناهگيرن جي حوالي سان سوا?? جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته افغان پناهگيرن جون ٽي ڪيٽيگريز آه??، هڪ اهي آه?? جيڪي رجسٽرڊ آه??، ٻيا اهي جيڪي بنا ويزا ۽ قانوني دستاويزن جي رهي رهيا آه??، ٽيان اهي جن جعلي دستاويز ٺاهيا آه??، ٽنهي ڪيٽيگريز جي حوالي سان پاليسي ٺاهي وئي آه??، غيرقانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن کي واپس موڪليو ويندو. هڪ ٻئي سوا?? جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي آه??، ڪرنسي جي غيرقانوني انڊسٽري تي ڪريڪ ڊائون مسلسل جاري رهندو ۽ جن غيرقانوني انويسٽمينٽ ڪئي آه?? انهن کي نقصان کڻڻو پوندو، جيترو جلد اهي ان جو ادراڪ ڪري وٺندا بهتر ٿيندو. ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سوا?? جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ??گران وزيراعظم پاران چونڊن جي تاريخ جو اعلان غيرقانوني هوندو، قانون تحت آئون اهو اعلان نٿو ڪري سگهان. نگران وزيراعظم نگران ڪابينا ۾ فواد حسن فواد ۽ احد چيما جي شموليت جي حوالي سان سوا?? جي جواب ۾ چيو ته اهي سٺا آفيسر رهيا آه??، ڪنهن به سياسي پارٽي جا ڪارڪن ۽ عهديدار ناهن رهيا. نگران وزيراعظم هڪ ٻئي سوا?? جي جواب ۾ چيو ته ??رائيس ڪنٽرول ڪميٽين جي مڪينزم کي بحال ڪيو ويو آه??، تعلقي ۽ ضلعي جي سطح تي اهو نظام ڪندي نظر ايندو. نگران وزيراعظم سرحدي علائقن جي نوجوانن کي مت??ادل روزگار جي فراهمي جي حوالي سان سوا?? جي جواب ۾ چيو ته روزگار فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آه??، غيرقانوني واپار ۽ اسمگلنگ جي حوصلا افزائي نٿي ڪري سگهجي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي ناجائز ڪاروبار جي لاءِ سرحدي علائقن جي ٻارن کي استعمال ڪن ٿا، بي آءِ ايس پي جي ذريعي سرحدي علائقن جي بيروزگار نوجوانن کي سبسڊي ڏيڻ ۽ روزگار جا مت??ادل ۽ جائز ذريعا فراهم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ سان دهشتگرد تنظيمون به فائدو کڻنديون آه??، ذميوارن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. نگران وزيراعظم دهشتگردي کي پنهنجي ايجنڊا ۾ سرفهرست قرار ڏيندي چيو ته ان حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ ايپڪس ڪميٽين کي فعال بڻايو ويو آه?? ۽ ان حوالي سان موثر قدم نظر ايندا. هڪ سوا?? جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ??گران حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ڪنهن کي سوال ڪرڻ کان نه پيو روڪيو وڃي، نه ڪا فاشسٽ ايڊوائيز ايندي آه??، اهو تاثر صحي?? نه آه?? ته اسان ميڊيا کي دٻاءُ ۾ آڻڻ چاهيون ٿا. هاڻي ڊيجيٽل ميڊيا به تمام گهڻي مقبول ٿي چڪي آه??، حڪومتي پاليسين تي سوال اٿاريا وڃن ٿا، ميڊيا تي ڪا به سختي نه آه??، خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ اظهار راءِ جي آزادي پاڪستان ۾ آه??، سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويدار ملڪ ۾ ميڊيا ڪهڙن ڪمن ۾ مصروف هوندو آه??، سڀ ڏسن ٿا، هتي ٽاڪ شوز ۾ به تنقيد ٿئي ٿي ۽ ٿيڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته ??گران حڪومت بنا ڪنهن ڊپ ۽ خطري جي قانون جي عملداري يقيني بڻائيندي ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندي.