اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??وامي ڀلائي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسان واضح ۽ ٺوس پاليسيون جوڙيون، نگران حڪومت ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت اسان جي اداراجاتي سڌارن مان فائدو کڻندي ۽ آئون پراميد آهيان ته ??ن ويزن کي جاري رکندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي جي هدفن تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اجل??س کي حڪومتي ڪارڪردگي جي انگن اکرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??ڪومت جي 15 مهينن ۾ اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو جڏهن ته ??يڪٽيو ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ 13 لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 90 لک اضافي مستحق ماڻهن تائين حڪومتي مدد پهچائي وئي. بجلي جي شعبي ۾ اوڳاڙيون 94 سيڪڙو رهيون. آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ ??زي??اعظم جي خصوصي دلچسپي ۽ ترجيح جي ڪري گذريل چئن مهينن ۾ خاطرخواهه اضافو ڪيو ويو. حڪومتي قدمن ۽ پاليسين جي ڪري گذريل مالي سال ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 6.2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري 45.1 ارب ڊالر رهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ سان ويجهي مستقبل ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيندو. 8.1 کرب جي تاريخي آبادگار پئڪيج ۾ آبادگارن جي مدد ۽ سهولت جا 99 سيڪڙو هدف حاصل ڪيا ويا. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??سان جي ڌيان جو مرڪز عوامي ڀلائي جا منصوبا هئا. عوامي ڀلائي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسان واضح ۽ ٺوس پاليسيون جوڙيون. ??زي??اعظم چيو ته ??ڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائي معيشت کي استحڪام طرف گامزن ڪيو ويو. نگران حڪومت ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت اسان جي اداراجاتي سڌارن مان فائدو کڻندي ۽ آئون پراميد آهيان ته ??ن ويزن کي جاري رکندي. ??زي??اعظم بين الوزارتي مسئلن جي حل ۽ تعاون وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس نظام جي موجودگي تي زور ڏنو. ??زي??اعظم گذريل ڪجهه مهينن ۾ حڪومتي ڪارڪردگي جي هدفن تي اڳڀرائي جي جائزي جي لاءِ 26 اجلاسن جي پاڻ صدارت ڪئي. هن چيو ته ??سان ”هول آف دي گورنمينٽ اپروچ جي هڪ اهڙي حڪمت عملي ڇڏي وڃي رهيا آهيون جيڪا ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ??زي??اعظم سمورن لاڳاپيل ??زي??ن، ترقياتي حصيدارن ۽ سرڪاري آفيسرن جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن ??سح??ق ڊار، مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سر مائيڪل باربر خصوصي طور تي برطانيا کان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ هو.