اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحال?? جي سند آهي، پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتين وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن ت?? ڪم ڪري رهي آهي، ريڪ??ڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائق?? جي ترق?? جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپن?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيرڪ گول?? جي وفد ريڪ??ڊڪ منصوبي تي سيڙپڪاري ۾ پاڪستان حڪومت جي حص?? جي پاڪستاني رپين ۾ ادائيگي تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مارڪ برسٽوو وزيراعظم کي ريڪ??ڊڪ ۾ جاري ترقياتي ڪم تي اڳڀرائ?? جي حوالي سان آ??اه?? ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحال?? جي سند آهي، منرل سمٽ جي ڪاميابي ۽ پاڪستان ۾ بيرڪ گولڊ جهڙين عالمي ڪمپنين جي اعتماد جي بحالي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جاري ڪرڻ ممڪن ٿيو. هن چيو ته پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن ت?? ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ريڪ??ڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائق?? جي ترق?? جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوب?? جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحال?? جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪن. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪ??ڊڪ ۾ ڪميونٽي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو قيام ڪيو ويو آه?? جيڪا بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ ترجيحي بنيادن ت?? امڪاني قدمن جي نشاندهي ڪري ٿي، ڪميٽي ۾ شامل مقامي نمائندا مقامي ماڻهن جي ترق?? جي لاءِ منصوبن جي نشاندهي پاڻ ڪن ٿا، ريڪ??ڊڪ منصوبي ۾ بلوچستان خاص طور تي باصلاحيت مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته منصوب?? جي سيڙپڪاري مان علائق?? جي ترقي تي پڻ وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ريڪ??ڊڪ منصوب?? جي حوالي سان تازو معاهدو ٻنهي ڌرين جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.