اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪنگ سلمان رليف سينٽر طرفا عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 1700 رڍن جي قرباني جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته حقدار ۽ متاثر ماڻهن ۾ عيد ج?? ڏينهن قربانيءَ جو گوشت ورهايو ويو. سعودي عرب جي سف??رت??اني طرفان جاري بيان مطابق هن پروگرام تحت ڪي پي ڪي جي 6 ضلع?? نوشهره، ڊي آءِ خان، سوات، دير اپر، ڪوهستان، مردان ۽ چارسده ۾ قربانيءَ جو گوشت ورهايو ويو. هي پروگرام نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، مقامي حڪومت ۽ مقامي اين جي اوز جي تعاون سان ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان ۾ 79331 کان وڌ??ڪ ماڻهو مستفيد ٿيندا.