اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آء?? ايم ??يف سان معاهدي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم کڻي چڪا آهيون، اسان آء?? ايم ??يف سان وڌيڪ گڏيل قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهيون. ٽوئيٽر تي آء?? ايم ??يف جي سربراهه ڪرسٽلينا جارجيوا جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽ ڪيو ته توهان سان ملي خوشي ٿي ۽ آء?? ايم ??يف جي پاڪستان سان مسلسل ڳاله?? ٻولهه بابت لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ٿي. حڪومت آء?? ايم ??يف جاري توسيعي فنڊ سهولت (اي اي?? اي??) جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ نائين جائزي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ٿي چڪا آهن، اسان آء?? ايم ??يف سان گڏيل طور تي وڌيڪ قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان جلد کان جلد نائين جائزي جي لاءِ آء?? ايم ??يف بورڊ جي منظوري جو شدت سان منتظر آهي.