اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ??ن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو. پرڏيهي آ??يس موجب عراقي گادي واري شهر بغداد پهچڻ تي عراقي نائب پرڏيهي وزير سميت ٻين عراقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار ??ستقبال ڪيو. ٻنهي مل??ن جا پرڏيهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آ??ي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران عراقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.