اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن پرڏيهي آفي?? ۾ ??لاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر م??مود احمد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جي دوري دوران ڪشمير م??ئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي شڪار ??ال??ريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.