اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي طب جي شعبي ۾ تعلي??ي معيار قائم ڪرڻ جي لاء?? هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته غيرملڪي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ رابطا ملڪي تعلي??ي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ترين طريقو آهي، بيمارين جي علاج سان گڏوگڏ روڪٿام تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان سان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي 5 هين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالق، سينيٽ ۽ فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??در چيو ته ملڪ ۾ طبي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ طب جي شعبي ۾ تعلي??ي معيار قائم ڪرڻ جي لاء?? هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طبي ادارن کي ملڪي صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ نرسنگ ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تيار ڪرڻو پوندو. ??در چيو ته غيرملڪي ڪورسز ۽ تعلي??ي مواد تائين پهچ جي لاءِ غيرملڪي يونيورسٽين سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، غيرملڪي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ رابطا ملڪي تعلي??ي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ترين طريقو آهي. ??در بيمارين جي علاج سان گڏوگڏ روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيمارين کان بچاءُ علاج جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آسان ۽ سستو آهي، بيمارين کان بچڻ سان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ??در چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي کي ميڊيڪل جي شعبي ۾ مثالي ادارو هجڻ گهرجي، طبي ادارا پنهنجي گريجوئيٽس ?? انسانيت جي خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران طبي تعليم جي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ نرسن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي توثيق پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر را??ا عمران سڪندر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر موسيٰ خان جي بطور سينڊيڪٽ ميمبر مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي.