اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وڌ??ڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت ??ي زور ڏنو آهي، هن آمر??ڪي ڪانگريس ??ي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌ??دڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمر??ڪي سينيٽ ۾ اڪثريتي اڳواڻ سينيٽر چڪ شومر جي قيادت ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ آمر??ڪي سينيٽ جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر ماريا ڪينٽ ويل، ايمي ڪلوبوچر، گيري پيٽرز، ڪيٿرين ڪورٽيز ۽ پيٽر ويلچ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي تعاون جي اهميت ۽ ان حصيداري کي مضبوط ۽ گهڻ رخو بڻائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه ??ي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا سياسي سطح تي هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌ?? ته پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيا، اهو سفارتي سنگ ميل پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم وڌ??ڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت ??ي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته متحرڪ پ??ڪس??اني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پ??ڪس??ان جي عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ۽ اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آمر??ڪي ڪانگريس ??ي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌ??دڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. سينيٽر شومر وفد پاران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي وسيع تر تعاون جي ذريعي مختلف رخن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو.