اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي گرين لا??ين ايڪسپريس ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي ٽرين ۾ سفري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم سان گڏ هئا. ريلوي و??ري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق وزيراعظم کي ٽرين بابت بريفنگ ڏني. جديد سهولتن سان ليس گرين لا??ين ايڪسپريس ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي رستي پاڪستان ريلويز مين لا??ين – ان پيسينجر سروس مهيا ڪندي. اها ٽرين راولپنڊي، چڪلالا، لاهور، خانيوال، بهاولپور، روهڙي، حيدرآباد ۽ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي.