اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) موجوده حڪومت عالمي برادري سان مسلسل اعليٰ سطحي رابطن جي ذريعي دوستاڻي پرڏيهي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لا??ِ هڪ دانشمنداڻي پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪيو ۽ ڪشمير ۽ ماحولياتي تبديلي کان وٺي مسلمان دنيا جي مسئلن تائين ڪيترن ئي محاذن تي ??اڪ??تان جو ڪيس موثر طريقي سان پيش ??يو. موجوده اتحادي حڪومت کي هڪ تباهه ٿيل پرڏيهي پاليسي وراثت ۾ ملي جنهن ??اڪ??تان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ويجهي اتحادي ملڪن سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ذميواري کنئي. اتحادي پارٽين جي حڪومت ٺاهڻ جي فوري پوءِ ملڪ بدترين ٻوڏ جي زد ۾ اچي ويو جنهن سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ قومي معيشت ۽ بنيادي ڍانچي کي اٽڪل 30 بلين ڊالر جو نقصان پهتو. ڪاربن جي اخراج ۾ ??اڪ??تان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود موجوده حڪومت ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن بابت عالمي برادري کي آگاهه ??يو. موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پرڏيهي پاليسي جو تازو ڪريڊٽ ڊيميج اينڊ لا?? فنڊ قائم ڪرڻ آهي جيڪو ڪوپ – 27 سربراهي اجلاس ۾ اسرندڙ دنيا کي موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ آفتن سبب پهچندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ مدد فراهم ڪرڻ بابت آهي. ان کان اڳ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گري لسٽ مان ??اڪ??تان جي اخراج جي صورت ۾ دهشتگردي جي مالي معاونت کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ ??اڪ??تان جي قدمن ۽ هڪ ئي وقت ٻه ايڪشن پلان جي ڪامياب لاڳو ڪرڻ جي حڪومت جي زبردست ڪوششن جو پڻ اظهار ٿئي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي دائري کي وڌائي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ آمريڪا، چين، سعودي عرب، ترڪي ۽ ٻين دوست ملڪن جي قيادت سان بار بار رابطو قائم ??يو. اپريل ۾ وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي ته جيئن ٻطرفن اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير جي ”تڪرار ۽ غذائي تحفظ“ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث ۽ مئي ۾ ٻي عالمي ڪوويڊ 19 سمٽ ۾ شرڪت کانسواءِ مملڪتي وزير حنا رباني کر يوڪرين جي لا??ِ اعليٰ سطحي عالمي ڊونرز ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري سي پيڪ جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه جي لا??ِ چين جو پنهنجو پهريون سرڪاري دورو ڪيو ۽ مئي ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. 31 مئي کان 2جون 2022ع تائين وزيراعظم جي ترڪي جي دوري ۾ ٻنهي ملڪن سياحت، تعليم، لا??سٽڪس، سول ايوي ايشن ۽ مواصلات جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ??يو. جرمن پرڏيهي وزير جو ??اڪ??تان جو دورو، بلاول ڀٽو زرداري جو مشهد جو دورو، سيڪريٽري جنرل جو ??اڪ??تان جو دورو، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ تاشقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير جي شرڪت هن سال جون ۽ جولاءِ ۾ ??اڪ??تان جي سفارتي مصروفيتن جون جهلڪيون آهن. آگسٽ ۾ وزيراعظم قطر جو دورو ڪيو جڏهن ته پرڏيهي وزير جرمني، ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ ناروي جا سرڪاري رياستي دورا ڪيا. تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ??اڪ??تان ۽ گڏيل قومن گڏيل طور تي ”فليش اپيل“ جي شروعات ڪئي جنهن ۾ متاثر علائقن ۾ بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواين جي لا??ِ عالمي برادري جي مدد طلب ڪئي وئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس يڪجهتي جي اظهار لا??ِ سيپٽمبر ۾ ??اڪ??تان جو دورو ڪيو جنهن کي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. انهي مهيني پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ماحولياتي تبديلين جي ڪري رونما ٿيندڙ آفتن جي ڪري زيان ۽ نقصانن تي ??اڪ??تان پاران منعقد اعليٰ سطحي تقريب جي صدارت ڪئي ۽ عالمي برادري ک ٻڌايو ته ٻوڏ سان هر ستن مان هڪ ??اڪ??تاني متاثر ٿيو ۽ ??اڪ??تان جي جي ڊي پي جي 10 سيڪڙو جي برابر نقصان ٿيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف فرناسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ فرانس سال جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ هڪ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني تي اتفاق ڪيو جنهن جو مقصد ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. هن سال آڪٽوبر ۾ ??اڪ??تان ۽ گڏيل قومن غيرمعمولي موسمياتي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ 816 ملين ڊالر جي نظرثاني ٿيل فليش اپيل جاري ڪئي. جنرل اسيمبلي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ ??اڪ??تان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي. سي آءِ سي اي سربراهي اجلاس جي لا??ِ پنهنجي قازقستان جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان، بيلاروس، قازقستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪرڻ کانسواءِ ٻين اڳواڻن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻين ملڪن سان پرامن لاڳاپن جي وڪالت ڪندي موجوده حڪومت ڪشميرين جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ قرار ڏنو ته پاڪ ڀارت لاڳاپنجي بهتري 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي هڪطرفي قدمن جي واپسي تي ٻڌل آهي. تازي آمريڪي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نريندر مودي کي ”گجرات جو ڪاسائي“ قرار ڏنو ۽ چيو ته بي جي پي هٽلر کان متاثر آهي. مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه دوران ??اڪ??تان جي قيادت بار بار جنگ سٽيل افغانستان جي عوام جي بهتري لا??ِ عبوري افغان حڪومت سان تعميري رابطن جو مطالبو ??يو. ان سان گڏ ئي ??اڪ??تان افغان ڌر تي پڻ زور ڏنو ته اها عالمي برادري سان عورتن جي حقن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪري. 10 کان 12 ڊسمبر تائين ??اڪ??تان جي دوري دوران او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهم طحيٰ پڻ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪيو جتي هن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لا??ِ او آءِ سي جي حمايت کي ورجايو. 19 نومبر تي حنا رباني کر ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ عبوري حڪومت جي قيادت سان ملاقاتون ڪيون ۽ تعليم، صحت، زراعت، واپار، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.