اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي ??عاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جا وسيع تر اقتصادي ۽ واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ڳالهائيندي چئي، پاڪستان کي مالياتي معاونت تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي وزيراعظم سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ملاقات ڪئي. وزيراعظ?? ا??تصادي ??عاون تنظيم (اي سي او) ۾ وچ ايشيائي رياستن جي شموليت جي امڪانن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم باضابطا ايجنڊا ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ اي سي او جي ميمبر ملڪن ??ي سربراهي اجلاس جي ميزباني ۽ ان ۾ وچ ايشيا جي رياستن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ۽ چيو ته ان سان اقتصادي ??رگرمين ۽ علائقائي تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظ?? ا??تصادي ??عاون تنظيم تي وچ ايشيائي رياستن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهي هڪ وڏي آبادي ??ي ٻڌل رياستون آهن جيڪي ريلويز ۽ زميني رابطن جي وسيع تر صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ممڪن آهي ۽ انهن رابطن سان سمورن علائقائي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ??رجيحون اي سي او جي ايجنڊا آهي ۽ اقتصادي ??مڪانن ۾ اضافي سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظ?? ا?? سي او جي وچ ايشيا تائين پهچ جي خيال کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته گوادر جي بندرگاهه دنيا کي گئس جي فراهمي جو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽه رخي اقتصادي ??عاون جي ويزن جي ذريعي ريلوي ٽريڪس ۽ رستن جي ذريعي رابطاڪاري سان علائقائي منظرنامو تبديل ٿيندو ۽ انهن رابطن جي انهن ذريعن سان قدرتي وسيلن کان مالامال ملڪ پنهنجون شيون برآمد ڪري سگهندا. هن اي سي او بئنڪ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ پاران 150 ملين يورو جي مالي معاونت ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ٿيندي.